چواين لاءِ

چواين لاءِ

چواين لاءِ

چواين لاءِ: چين جي مضبوط معيشت جو پايو وجهندڙ، چواين لاءِ، 5 مارچ 1898ع تي ڄائو. هي ننڪائي يونيورسٽيءَ (Nankai University) مان تعليم حاصل ڪرڻ دوارن تائينجن اسٽوڊنٽس يونين جو آرگنائزر مقرر ٿيو ۽ شاگرد يونين جي اخبار ’تائينجن اسٽوڊنٽ‘ (Tainjin Student) جو ايڊيٽر به ٿيو. هن تنظيم جي باني ميمبرن ۾ ڊينگ ينگچائو (Deng Yingchao) نالي ڇوڪري به شامل هئي، جنهن سان اڳتي هن شادي ڪئي. ڊسمبر 1931ع ۾ چواين لاءِ مائوزي تنگ جي جاءِ تي فرسٽ فرنٽ آرميءَ جو سيڪريٽري ٿيو ۽ بعد ۾ آرميءَ جو سياسي ڪمشنر مقرر ٿيو. چواين لاءِ 1949ع کان 1958ع تائين چين جو پـرڏيـهـي وزيــر رهيـو. مـغـرب سـان امـن وارا تعلقات قائم ڪيائين. 1954ع ۾ چواين لاءِ جنيوا ڪانفرنس ۾ چين جي نمائندگي ڪئي. چين ۾ ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ ۾ چواين لاءِ جو تمام وڏو هٿ هو. چين ۽ پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن جو بنياد هن ئي وڌو هو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. چواين لاءِ کي سياست ۾ وڌيڪ پذيرائي تڏهن ملي، جڏهن هن ’ئي فورٿ موومينٽ‘ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هن چين ۾ زرعي سڌارا آندا، صنعتي زون قائم ڪيو ماحوليات کان وٺي معاشيات تائين وڏو ڪم ڪيو. چواين لاءِ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن (Richard Nickson) 1972ع ۾ چين جو دورو ڪرڻ دوران شنگھائي ٺاهه تي صحيحون ڪيون. چواين لاءِ سڄي زندگي چين جي واڌاري ۽ چيني ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ ترقيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن 8 جنوري 1976ع تي ڪينسر جي مرض سبب وفات ڪئي.


لفظ چواين لاءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.03.05  عيسوي

چين جي مضبوط معيشت جو پايو وجهندڙ، چواين لاءِ، 5 مارچ 1898ع تي ڄائو.


1976.01.08  عيسوي

چواين لاءِ،8 جنوري 1976ع تي ڪينسر جي مرض سبب وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پارپتي رميش لعل آڏواڻي
عبدالمجيد نائچ
ڀيم سين جوشي
ايشوري جوتواڻي 2
دين محمد سيد
سيد غلام حيدر شاهه1
جتوئي مولوي نذير حسين جلالي
خاناڻي نصير خان
سُورج مل اُڌيپوري
حزب الله آءِ سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون